عبدالحڪيم مولانا

عبدالحڪيم، مولانا: نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جي اهم رڪن، مولانا عبدالحڪيم جو پورو نالو محمد عبدالحڪيم ولد نور محمد هو. سندس جنم 1313هه/ 1895ع ڌاري ڳوٺ چوڏهو سڌايا، تعلقي شڪارپور ۾ ٿيو، هن ابتدائي ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي. جنهن بعد مختلف مدرسن مان تعليم پرائڻ کانپوءِ محرابپور ضلعي نوشهروفيروز ۾ مولانا شيخ غلام رسول فاضل ديوبند وٽ دستاربند ٿيو. ساڻس گڏ مولانا خوش خير محمد ميروخاني هم ڪلاسي رهيو. مولانا عبدالحڪيم دارالعلوم ديوبند ويو، جتي مولانا انور شاهه ڪشميريءَ کان دور حديث پڙهيائين. جتي مهتمم صاحب قاري محمد طيب سندس هم ڪلاسي هو ۽ کانئس استفادو به ڪندو هو. عبدالحڪيم صاحبزادي محمود کان فلسفي جي تعليم ۽ پوءِ اجمير ۾ مولانا معين الدين اجميريءَ وٽ منطق ۽ فلسفو پڙهيو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد درس تدريس جو آغاز ڪيائين. مولانا عبدالحڪيم خلافتي عالمن مان هو. خلافت تحريڪ ۽ سرگرميءَ سان حصو ورتائين. انگريزن جڏهن مولوي فيض الڪريم ٺارو شاهيءَ کان ‘تحقيق الخلافت’ نالي فتويٰ جو هڪ رسالو شايع ڪرايو ته عالمن ان جي رد ۾ ڪتاب لکيو. جنهن جي مولانا عبدالحڪيم پڻ تصديق ڪئي. هيءَ جمعيت العلماءَ جو پڻ اهم اڳواڻ هو. هن پنهنجي سموري حياتي وطن جي آزاديءَ لا پتوڙيندي وقف ڪئي. هن 1381هه/ 1961ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو